Thar Student Itehad
اسان جو مقصد آھي پاڻ ٿرپارڪر جي مختلف ادارن جي شاگردن کي متحد ڪري ٿيندڙ مسئلن جي خلاف آواز اٿاريون
06/12/2023
منزلون گھر ويٺي ناھن ملنديون رستن تي نڪرڻ سان ئي رستا ملندا آھن
02/12/2023
مٺي ( ) ايڪتا ڏھاڙي جي مناسبت سان صادق فقير بوائز ڊگري ڪاليج مٺي ۾ شاندار تقريب منعقد ڪئي ويئي شاگردن تقريرون خاڪا ٽيبلا ٽيبلو پيش ڪري سنڌ ڌرتي سان وفا جو وچن نڀايو جڏھن ته ناليواري راڳي ڪريم فقير ، سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو سھندو ڪير ميار او يار ڳائي ڀرپور داد وصول ڪيو تقريب ۾ شاگردن ٿر جي ريتن رسمن ء ثقافتي قدرن جي حوالي سان ٽيبلو پيش ڪيا شاگردن ڪورس واري انداز ۾ نامياري شاعر جمن دربدر جي گيت « وٺي ھر ھر جنم وربو مٺا مھراڻ ۾ ملبو » تي شاندار پرفارمنس ڏني جڏھن ته تقريرن ۾ شاگردن ء ڪاليج جي استادن جن ۾ پروفيسر ڀواني شنڪر سوني ، پروفيسر مشتاق دل ، پروفيسر دولترام کتري ، پروفيسر خالق ڏنو درس، ساحل لوھاڻو ، ديو ڪمار، ڪامران اڪمل ، منيش، باسط ، رميش، مبارڪ ڪشور ء ٻين چيو ته ايڪتا ڏھاڙي سنڌ کي دنيا ۾ نئين سڃاڻپ ڏني آھي اسان سنڌ جي صدين جي ثقافت جا وارث آھيون اسان جي سنڌ جي وجود ۾ صوفياڻو رنگ جرڪندي نظر اچي ٿو ھنن چيو ته وقت جي تقاضا آھي آھي ته اسان سنڌ جي ٽئلينٽ کي پروموٽ ڪيون ء نوجوانن لاء نوان رستا گس پيچرا مھيا ڪري ھن وقت سنڌ جي قومي اشيوز تي ويچارڻ جي ضرورت آھي سنڌ کي نئين سر اڏڻ لاء نوجوانن جي ڪردار کي ھرگز نه وسارڻ گھرجي پروگرام جي آخر ۾ ھدايت الله ء راڳي ڪريم ڌرتي جا قومي گيت پيش ڪيا
شاگردن لاء اھم اطلاع
سڀني گورنمينٽ ھاء اسڪول ڏيپلو جي ڪلاس نائين جي شاگردن کي اطلاع ٿو ڪجي ته نائين ڪلاس جا آن لائين انرولمينٽ فارم تاريخ 04.12.2023 کان شروع آھن آن لائين انرولمينٽ فارم ڀرائڻ جي آخري تاريخ 21.12.2023 آھي
نوٽ:- آن لائين انرولمينٽ فارم ڀرائڻ لاء ڦوٽو جي پويان بليو بيڪ گرائونڊ ھجڻ ضروري آھي
HEAD MASTER
GHS DIPLO
please sher
Bhawani Shankar Soni, Principal of Government Boys Degree College Mithi, shared his thoughts on the crucial role of science in our lives.
He emphasized that science is the key to understanding our world and shaping a better future. Let's unite to support and promote scientific advancements!
*اسلام ڪوٽ ۾ ٽريفڪ جو نظام درهم برهم،هاءِ اسڪول ۽ گرلس هاءِ اسڪول اڳيان گاڏين جا اڏا قائم،جنس خريد ڪندڙ دڪاندارن غيرقانوني تور جا ڪانٽا لڳائي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا،ريڙهن،گاڏين سميت حددخلين جي آزار سبب نياڻين اسڪول اچڻ ڇڏي ڏنو،ٽريفڪ اهلڪار غائب،سول ڪپڙن ۾ گهمڻ لڳا،*
هائيرسيڪنڊري اسڪول ۽ گرلس هاءِ اسڪول جي انتظاميا موجب تہ سخت تڪليف ۾ آهيون،نياڻيون اسڪول اچڻ کان لنوائن ٿيون،اسڪول اڳيان حددخلين سبب تعليم متاثر ٿي رهي آهي،انتظاميا ڪا بہ دانهن نہ ٿي ٻُڌي
*غازي بجير*
01/12/2023
سنڌوديش مقدر آ سائين جي ايم سيد رهبر آ
بهتر تعليم بهتر سياست
شاگرد دشمن هر دستور
نامنظو نامنظور
اڄ امرڪوٽ جي شاگردن پاران MDCAT جي ردي،ناڪارہ ۽ ڪرپٽ پاليسي جي خلاف ٿيندڙ احتجاجي ريلي ۾ جساف ضلعي امرڪوٽ جي جنرل سيڪريٽري لياقت سميجو جي اڳواڻي ۾ شموليت ڪئي وئي
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس (آريسر) ھر شاگرد دشمن،شعور دشمن،تعليم دشمن ۽ سنڌ دشمن ھر حربي کي ناڪام بڻايو آھي ۽ سنڌ جي شاگردن ۽ تعليمي ادارن جي مالڪي ڪئي آھي ۽ ڪندي
جساف سمجھي ٿي ته ھي رياست سنڌ جا نه فقط وسيلا لٽي ٿي پر سنڌي قوم کي جاھليت طرف ڌڪڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪندي رھي آھي
ھتي جي ھر اداري کي ڪرپشن جو ذريعو بڻايو ويو آھي ۽ تعليم فقط اميرن جي ٻار ئي پرائي سگھن پيا جتان جي ادارن جي اھا حالت ھجي ته ھڪ غريب جو ٻار محنت ڪري پاڻ مڃرائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي ته ٻيو امير جو ٻار سيٽون خريد ڪري سگھي ٿو اھا سازش سنڌ سان سازش آھي جيئن سنڌ جو ايندڙ نسل جو تعليم کان ھانو ڀرجي وڃي ۽ سنڌي قوم کي جاھلن جي حوالي ڪري سگھجي پر سنڌ جا شعوروند گھڻو وقت ظلم ۽ جبر تي خاموش نه ويهندا اڄ امرڪوٽ جي شاگردن ھڪ ننڍڙي چتاءُ ڏني آھي ۽ سنڌ پوري جا شاگردن جي روڊن تي ھوندا...
ٿر اسٽوڊنٽ اتحاد
سنڌ جي نياڻي جيڪو هن قوم ڏانهن ڌيان ڇڪايو آ ۔
سنڌ جي درد جو ڪيس شال ائين سڀ وڙهن غيرتمند قوم جو اولاد سڄاڳ هوندو آهي تقري پاڻ ٻڌي پوء خد فيصلو
ڏجو Afsana Sindhu
30/11/2023
سنڌ جا سَمورا شاگرد مُتحد- مَدر پارٽيون به هِڪ ٿِين- سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شاگرد سَڀا جو جَلسو- شَهيدن کي شاندار ڀيٽائون پيش ڪيون ويون/اَڄوڪي ”ڪوشش“ جي هِڪ خاص خبر سوشل ميڊيا جي دوستن لاءِ حاضر آهي!
30/11/2023
#عمرڪوٽ
ميڊيڪل ۾ داخلا لاء ٿيل ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ۾ ڪرپشن خلاف عمرڪوٽ ۾ اڄ شاگردن جو ڀرپور احتجاج....sher
غريب ۽ محنتي شاگردن جي ميرٽ جو قتل عام بند ڪريو
Click here to claim your Sponsored Listing.
Category
Telephone
Website
Address
Mithi