Collection Of General Knowledge

Collection Of General Knowledge

Share

Don't believe in luck..! Only Believe in your hard work..! Education for all...✏️
Education is the most powerful weapon.

Photos from Collection Of General Knowledge's post 18/11/2025

Conditional sentences...?

24/10/2025

That VS which

16/10/2025

سروي نمبر جي اوتاري مان ايراضي معلوم ڪرڻ جو طريقيڪار:
ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ

آبادگارن جو واسطو زمين سان ايئن ھوندو آھي جيئن ننھن جو تعلق گوشت سان. پوءِ انھيءَ زمين مان فصل اپائي چاھي زمين جي ماپ.
اڄ جي پوسٽ اوتاري مان سروي نمبر جي ايراضي معلوم ڪرڻ بابت ڄاڻ حاصل ڪنداسين.
سروي نمبر جي ماپ ۾ سنڪلي (چين) جو اھم ڪردار ھجي ٿو.
ماپ معلوم ڪرڻ کان اڳ اسان کي ماپ جي جدول جي خبر ھئڻ گھرجي.
۱ـ ھڪ سنڪلي برابر آھي 16 آنا (روپين وارا)
جڏهن ماپ ۾ 99 فوٽ مطلب ٽي سنڪليون مطلب ٽي ڪلا ۽ جيڪڏھن ھڪ سنڪلي ٿئي ته اسان چونداسين ھڪ ڪلو، انھيءَ کي ڪلو يا ڪلا انھيءَ ڪري چئبو آھي تہ جڏھن ماپ ڪبي آهي ھر سنڪلي مڪمل ٿيڻ تي سرزمين تي ھڪ ڪلو لڳائبو آهي.
۲ـ ھڪ سنڪلي برابر آهي 33 فوٽن جي.
۳ـ ھڪ آنو برابر آھي ٻہ فوٽ ۽ مني انچ جي.
۴ـ 16 ڪچا آنا =» ھڪ پڪو آنو
۵ـ 16 پڪا آنا =» ھڪ گھنٽو
۶ـ 40 گھنٽا =» ھڪ ايڪڙ

سروي مينوئل جي قلم 13 موجب
آنن کي آنن سان ضرب ڪبي ته اھي ڪچا آنا تصور ڪيا ويندا ۽ انھن کي 16 سان ونڊ ڪنداسين ته پڪا آنا ٿيندا ۽ جيڪڏھن پاڇي 4 يا چار کان گھٽ ھجي تہ ڇڏي ڏبي ۽ 5 يا 5 کان مٿي 12 تائين ھجي تہ اڌ پڪو آنو ڪري وٺبو.
اھڙيءَ طرح جيڪڏھن پاڇي 13 يا تيرھن کان مٿي ھجي تہ ھڪ پڪو آنو ڪري وٺبو.

جدول موجب ايراضي ڪڍڻ جو طريقو:
ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
جنھن اوتاري ۾ ٻہ منڍا ھجن، تنھن ۾ ھڪڙو وصلو ٿيندو آهي. ھڪ منڍي جو بہ ھڪ ئي وصلو ٿيندو آھي.
اھڙو سروي نمبر جنھن ۾ ھڪڙو وصلو ھجي، جيئن تصوير ۾ ڏيکاريل آھي، سڀ کان پھريان طول جو ڪل جوڙ ڪبو آهي،
12ـــــــــــــــــ6
جو مطلب 6 ڪلا ۽ 12 آنا.
طول نمبر ۱ ۽ طول نمبر ۲ ۾ 12 ۽ 4 آنن کي جوڙ ڪيو تہ جواب 16 ٿيو ۽ 16 کي 16 سان ونڊ ڪيو تہ جواب آيو ھڪ، ھڪ جو مطلب ھڪڙو ڪلو. جيڪو 6 ۽ 6 ڪلن جي جوڙ 12 ۾ جوڙ ڪري 13 ڪلا ٿيا.
ھاڻي اسان وٽ ٽوٽل طول 21 ڪلا ۽ 12 آنا ٿيا،
۽
منڍن جو جوڙ ۾ 13 ڪلا ۽ 8 آنا آھن.

مرحلو نمبر ۱:
اسان 12 آنا ۽ 8 آنا کي پاڻ ۾ ضرب ڏيڻ سان جواب 96 ايندو ۽ انھيءَ 96 کي 16 سان ونڊ ڪنداسين ته 6 پڪا آنا ٿيندا.

مرحلو نمبر ۲:
ٻئي مرحلي ۾ 21 ڪلا ۽ 8 آنا کي پاڻ ۾ ضرب ڏيڻ سان جواب جواب 168 ايندو ۽ انھيءَ کي 16 سان ونڊ ڪرڻ سان 10 ڪلا ۽ 8 آنا ٿيا.

مرحلو نمبر ۳:
ٽئين مرحلي ۾ ٻئي مرحلي واري طريقي سان 13 ڪلن کي 12 آنن سان ضرب ڏيئي ۽ 16 سان ونڊ ڪنداسين ته جواب ۾ 9 ڪلا ۽ 12 آنا ايندو.

مرحلو نمبر ۴:
21 ڪلا ۽ 13 ڪلا پاڻ ۾ ضرب ڪرڻ سان جواب 273 ايندو.

مرحلو نمبر ۵:
مرحلي نمبر پنج ۾ 6، 8، 12 ۽ 0 آنن جو ڪل جوڙ 26 ٿيو، جيئن ته اسان کي خبر آهي ته ھڪ سنڪلي ۾ 16 آنا ھجن ٿا ته 26 مان 16 ڪٽ ڪيا ( اھو ھڪ ڪلن ۾ جوڙ ڪبو) پاڇي 10 بچيو جيڪي آنا آھن ۽ ھاڻي ڪلا کي جوڙ ڪنداسين تہ 1+ 10+ 9+ 273 = 293

مرحلو نمبر ۶:
ھاڻي ھن انتھائي اھم ۽ سمجھڻ واري مرحلي ۾ اسان، 293 ڪلا ۽ 10 آنا جواب تائين پھچي چڪا آھيون جن کي 2 سان ونڊ ڪنداسين ته ڪلا 146.5 ٿيا، جيئن اسان پڙھي چڪا آھيون ھڪ سنڪلي ۾ 16 آنا ٿيندا آهن تہ 0.5 جو مطلب اڌ سنڪلي جنھن ۾ 8 آنا ٿيا جيڪي ٻئي پاسي 5 آنن ۾ جوڙ ٿيندا ۽ پوءِ جواب 13 ايندو.
ھاڻي اسان اھو بہ پڙھيو آھي تہ جيڪڏهن تيرھن يا تيرھن کان مٿي آنن کي ھڪ ڪري وٺبو ۽ اھو ھڪ 146 ۾ جوڙ ٿي ڪري 147 ڪلا (گھنٽا) ٿيا، جن جو مطلب 3 ايڪڙ ۽ 27 گھنٽا ٿيو.
۽ اھا سروي نمبر جي ايراضي چئبي.

21/09/2025

Half Day Leave..

21/09/2025

Conditional sentences..

20/09/2025

Future continuous Tense.

Photos from Collection Of General Knowledge's post 20/09/2025
Photos from Collection Of General Knowledge's post 20/09/2025

Application's..!

19/09/2025

BASIC CTRL+ A TO Z SHORTCUTS 👍🏻💯
🚀 Excel Shortcuts: Speed Up Your Work Like a Pro !

13/09/2025

9 Parts of Speech..

12/09/2025

Application for Leave...

Photos from Collection Of General Knowledge's post 13/01/2025

PARTS OF SPEECH

Want your business to be the top-listed Media Company in Tando Allahyar?
Click here to claim your Sponsored Listing.

Category

Website

Address

Tando Allahyar