Moro Updates

Moro Updates

Share

Moro update page will only work on social and politics, it will also highlight social problems, culture of Sindh and the problems of oppressed people.

23/06/2026

کپرو واسي 11 ٻارن جي ماء لکمان جو چوڻ آھي تہ مونکي زندگي ۾ ڪڏهن سچو پيار ڪونہ مليو ان ڪري مجبور ٿي پيار جو پرڻو ڪيو ھاڻ مونکي ملائکن ۾ خطرو آهي 😎

22/06/2026

ڪوئيٽا دھشتگردي ٽوڙ عدالت ڊاڪٽر ماھ رنگ بلوچ ۽ صبغت الله بلوچ کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي .!

20/06/2026

شهيد نصر الله گڏاڻي جي وارثن وٽ راڄوڻي لاءِ ميڙ منٿ قافلو، خالد لنڊ طرفان شهريار شر ۽ بادشاهه گڏاڻي شهيد جي وارثن وٽ پهتا، پهريان خالد لنڊ قتل جو اقرار ڪري پوءِ فيصلي جو سوچينداسين: يعقوب گڏاڻي

19/06/2026

وفاقي حڪومت طرفان ايران آمريڪا جي جنگ بنديءَ کان پوء پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگھن ۾ وڏي ڦير فار پيٽرول جي ليٽر ۾ 74 روپيا ۽ ڊيزل جي اگھ ۾ 67 روپيا ڪمي جو اعلان ڪري ڇڏيو پيٽرول جو نئون ريٽ 299 روپيا جڏھن ته ڊيزل جو اگھ 311 روپيا 78 پئسا مقرر نوٽيفيڪيشن به جاري

13/06/2026

حسنين جاني عباسي قتل ڪيس جو نبيرو، ڏوھي ثابت ٿيندڙ ڌر مٿان 98 لک 25 ھزار رپيا ڏنڊ.....
مورو ۾ 2 سال اڳ حسنين جاني عباسي قتل ڪيس جو فيصلو ٿي گذريو قتل جي الزام ۾ گرفتار دائم ٻرڙو ڏوھي ثابت ٿيو، دائم ٻرڙو مٿان 98 لک 25 ھزار روپيا خون جي چٽي رکي وئي جيڪا ٻرڙا ڌر فيصلو قبول ڪندي مقتول جي وارثن کي ٻن مھينن ۾ سموري رقم ادا ڪندا ان کانپوءِ فريادي ڪيس تان ھٿ کڻندا. فيصلي کانپوء دعا خير گھري وئي...

12/06/2026

ريڙھو روڊ تي بيھارڻ تان جھيڙو

مورو شھر جي مين روڊ درگاھ پياري فقير وٽ فروٽ جو ريڙھو روڊ تي بيھارڻ تان ٽريفڪ پوليس اھلڪار ايوب سولنگي پاران منع ڪرڻ ۽ ريڙھو سائيڊ تي ڪرڻ تان ريڙھي وارن جو پوليس اھلڪار جي گريبان ۾ ھٿ تشدد اھلڪار کي وات مان رت اچي ويو
ماڻھن پاران وچ ۾ پئي ٻنھي کي ڇڏائي ورتو،

12/06/2026

قومي اسيمبلي ۾ بدين جي ايم اين اي حاجي رسول بخش چانڊيو سنڌ کي پاڻي جي کوٽ جي مسئلي تي آواز اٿاريندي، پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جو مطالبو ڪيو.
هن چيو ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ملڻ سبب زرعي زمينون ۽ آبادگار سخت متاثر ٿي رهيا آهن.
هن وفاقي حڪومت کان فوري قدم کڻڻ ۽ پاڻي جي کوٽ جو مستقل حل ڳولڻ جو مطالبو ڪيو.

Photos from Moro Updates's post 12/06/2026

ٺل ظلم جي انتها ونواهه ۾ ويٺل ڪنوار بيدرديءَ سان قتل
نياڻي جنت بنگلاڻي کي وارثن شڪل بنگلاڻي سان شادي ڪرائڻ لئي ونواهه ۾ ويهاريو ته هٿيابندن فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو
جنت جو اڄ نڪاح ٿيڻو هو جوابدار زاهد بنگلاڻي جنت جو سڱ گهريو نه ملڻ تان ونواح ۾ ويٺل نياڻي قتل ڪيئي... ذريعا

11/06/2026

مورو شھر جي حضوري پير محلا واسي فيضان، امتياز ۽ سرمد ڪلھوڙو جو چوڻ آھي تہ اسان سان ناانصافي ڪئي وئي آھي جنھن جو نوٽيس وٺي انصاف تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

10/06/2026

منشيات فروش ، پاٿاريدار ۽ ڏوھاري ماڻھن ۾ وڏي خوشي جي لھر جو سبب ڇا آهي ؟

Want your business to be the top-listed Media Company in Moro?
Click here to claim your Sponsored Listing.

Website

Address

Main Road Moro
Moro