Sindh jo Awaz
Like our page
21/04/2021
اي شھيدو اسان توهان کان ڌار ناهيون
اسان توهان منجهان ئي آھيون
توهانجي جدوجهد ۽ قرباني رائيگان نه ويندي،اسان توهانجي عشق جي صف جا سپاهي آھيون ۽ زندگي جي آخري گهڙي تائين سنڌ،سيد ۽ توهان سان نڀائينداسين.
اوهانکي سرخ سلام وطن جا شھيدو..
20/04/2021
#سڪرنڊ ۾ پٺاڻن پاران دڪان جي سامهون روڊ تي ريڙهو بيهارڻ تان رند برادري جي معصوم ٻار کي سخت مارڪٽ جو نشانو بڻايو روڊ عام عوام جي ملڪيت آهي ان تي بيٺل ريڙها عام غريب عوام جي گذر سفر جو واحد ذريعو آهن:
تفصيل: https://adsmoker.com/cWnol
19/04/2021
#سنڌيو هوشيار ٿيو:
الله نه ڪري جو وري هي ڪم به شروع ٿيئي
ڄامشورو مان پنج طالباني دهشتگرد هٿيارن سميت گرفتار خودڪش بمبار جو به سمورو سامان مليو آهي، پنهنجي شھرن ڳوٺن ۾ ڪنهن به شڪي ماڻھو کي ڏسو ته جلد مقامي پوليس کي اطلاع ڪيو..
18/04/2021
#شڪارپور جي اناج منڊي ڀرسان هندو واپاري شنڪر لال قتل،
اسٽور گنج ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربند واپاري کي گولين جو کاڄ بڻائي قتل ڪري فرار ٿي ويا، پوليس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته هندو واپاري جي قتل واري واقعي جي مختلف رُخن کان جاچ شروع ڪئي وئي آهي، قتل جا ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا آهن..
15/04/2021
#نوشهروفيروز: عطائي ڊاڪٽر جي عورت سان غيراخلاقي حرڪت وڊيو وائرل،
ابڙان شهر ۾ مريض عورت سان غير اخلاقي حرڪت ڪرڻ تان عطائي ڊاڪٽر جي مُنهن تي ڪارنهن ملي وئي، پوليس متاثر ڊاڪٽر شريف خاصخيلي کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، سندس فرياد تي پوليس چئن جوابدارن خلاف تذليل ۽ تشدد جو ڪيس داخل:
14/04/2021
#تحريڪ لبيڪ سربراھ مولانا سعد رضوي مٿان پنجاب پوليس طرفان دھشتگردي جو ڪيس داخل
13/04/2021
گهوٽڪي:
#جروار مهيني ٻه کان پو جڏھن به جروار پوليس ڪوٽا مڪمل ڪرڻ لاء ڏوهاري گهربل هوندا آھن ته بجاء اصل ڏوهارين کي پڪڙي جيڪي سرعام شھر جروار جي دڪانن مٿان ٺهيل ماڙين تي سرعام جوا بڪي شراب جا اڏا کوليون ويٺا آھن،
بس ڪنهن مسڪين کي کڻي وڃي چند عطائي صحافي گهرائي فوٽو ڪڍائڻ بعد راتو رات غريب تي ايف آر ڪري ڪوٽا مڪمل ڪندا هي مسڪين شاهد گبول ڪلھ شام زمين تي ٿريشر تي مزوري ڪرڻ بعد ڳوٺ واپس اچي رهيو هو ته اتان رستي مان ئي پوليس وارا کنڀي کڻي ويا مائٽن صبح فيس بڪ تي ڏٺو ته مزوري لاء ويل همراھ کي پوليس وارا کڻي ويا ايس ايس پي گهوٽڪي گهٽ ۾ گهٽ انڪوائري ته ڪرائي هن مسڪين تي اڳ ۾ جوا نشي يا ڦر ڌاڙن جا گهڻا ڪيس داخل ٿيل آھن جو پوليس وارا به ڏوھ پيا سوشل ميڊيا تي بدنام ڪن..
17/03/2021
ڪجھ ڏينهن پهريان جروار ۾ هندو برادري جي چوري ٿي هئي ۽ هندو برداري کوجي ڪتا گهرايا هيا. انهن کوجي ڪتن جي نشاندهي تي پورهيت شبير گبول کي گرفتار ڪيو ويو هو. جيڪو اڃا تائين جروار پوليس جي هراست ۾ آھي.
سوال هي ناهي تہ اسان پنهنجي برادري جي فرد جي حمايت ڪيون ٿا. سوال هي آھي تہ جروار پوليس پنهنجي نااهلي کي لڪائڻ لا هڪ پورهيت کي گرفتار ڪيو آهي. اگر کوجي ڪتا ئي آخري هل ۽ گواه آھن تہ پوءِ پوليس ڇا ٿي ڪري پئي
اسان ايس ايس پي گهوٽڪي کان گهر ڪيون ٿا تہ جروار مان ديوان برادري جي ٿيل چوري واپس ڪرايو معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي. اگر شبير گبول تي ثابتي ٿئي ٿي تہ ان خلاف بنافرق جي ڪاروائي ڪيو. باقي پوليس پنهنجي نااهلي کي ڪيترو لڪائيندي ۽غريب پورهيت دوڪاندار کي گرفتار ڪندي رهندي ۽ رات جو شھر ۾ چوڪيداري ڪندڙ غريب چوڪيدارن کي ڪستائين پريشان ڪندي رهندي ,
13/03/2021
لاڙڪاڻي جي چانڊڪا پل لڳ جنرل اسپتال ۾ عورتن سان آپريشن ٿيٽر اندر بيهوشيء جي حالت ۾ اجتماعي لڄالٽ ڪئي وئي ملوث جانورن درندن کي سزائي موت ڏني وڃي لاڙڪاڻو انتظاميا کي گھرجي جنرل اسپتال کي مڪمل طور بند ڪرائي وڃي ۽ جيڪي ٻيا به ڊاڪٽرن ملوث آھن انھن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي
08/03/2021
روھڙي ويجھو ڪراچي ايڪسپريس لاهور ويندي حادثي جو شڪار 40 مسافر زخمي.
سکر روهڙي جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو۔۔۔
05/03/2021
افسوس
ھي سنڌ جي ٿر ۾ پاڻي جا حالات آھن اتي پاڪستان جي وڏن اسيمبلين ۾ صاف پاڻي جون بوتلون رکيل آھن ۽ اتي ٿر ۾ رھندڙ ماڻھن مجبوري ۾ اھو پاڻي پيئ رھيا آھن جيڪو جانورن جي ب قابل ن آھي ڇا اسيمبلي ۾ ويٺل ماڻھو ھڪ ڏينھن ب اھو پاڻي پيئ سگھندا پر ٿر جي ماڻھن لا۽ اھو ئي پاڻي پيئڻ لا۽ ھوندو آھي
03/03/2021
شھيد فاروق احمد گاڏھي جي قتل ڪيس م گھربل جوابدار اصغر باھوٽو ء حامد باھوٽو 08 مھينہ گذرڻ باوجود دادو پوليس جي پڪڙ کان آزاد، دادو پوليس اگور ننڊ ستل ....
جناب اعلي ايس ايس پي دادو ، ڊي آء جي حيدرآباد ء آء جي سنڌصاحب۔سڀني کي هڪڙو عرض پيش ڪجي ٿو تہ اوهان عوام جي محافظن جا سربراه به آهيو ۽ قابل عزت محترم به آهيو هر ڏوهاري ڪٿي نه ڪٿي ضرور هوندو آخر هي ڏوهاري ڪافي مهينن کان روپوش آهن آخر ڇو گرفتار نٿا ٿين؟ ڇا هي ڏوهاري آسمان تي چڙھي ويا يا زمين هيٺ هليا ويا؟ جو آخر گرفتار نٿا ٿين. شھيد فاروق احمد گاڏھي جا والدين اڄ به پنهنجي معصوم سڪيلڌي فاروق احمد گاڏهي جي خون جي انصاف لاء منتظر آهن آخر انهن جي اکڙين جو انتظار ڪڏھن ختم ٿيندو..؟ نيٺ اوھان ڪڏهن اصغر باهوٽو ء حامد باھوٽو کي گرفتار ڪري شھيد جي وارثن کي انصاف ڏياريندؤ ...؟
اولاد اکين جا ٺار هوندا آهن اوهان به پنهنجي اولاد وارا هوندؤ پنهنجي اولاد جيان هن غريب عوام جي اولاد جو به خيال رکو خدارا ڪڏهن قتل پيا ٿين ڪڏهن تشدد پيا ٿين ڪڏهن وهشين جي ور چڙھي عزتون نيلام پيون ٿين..،
آخر اوهان اڃان ڪڏهن انصاف ڪندؤ..؟
ڇا اها اوهان جي زميواري ناهي...؟
خدارا جج صاحبو قانون جا اعلي عملدارو سنڌ/دادو جي عوام تي رحم ڪيو انهن درندن ۽ خوني وحشين کي پڪڙي سرعام سزا ڏيو جئين عوام سڪون سان جي سگهي۔۔۔
Click here to claim your Sponsored Listing.
Category
Contact the business
Telephone
Website
Address
London
Karachi
JARWAR