Dadu Update
Media
25/09/2023
ظالم ڪرپٽ رشوت خور بجلي چور ايل ايس فاروق ڪابورو لائين مين سومر ملاح سريچند اوڏ وسيم پنهور ۽ ان جي پوري ڪرپٽ ٽيم کي فوري هٽايو وڃي ۽ دادو جي بجلي بچائي وڃي فوري معطل ڪري سکر رليف ڪيو وڃي سکر حيسڪو فوري نوٽيس وٺي
11/06/2023
دادو (رپورٽ محمد يوسف جمالي )
ھي آھي PA صاحب شاھزمان ملڪاڻي جيڪو ڪرپشن جو بيتاب بادشاھہ آھي سندس ڊپٽي ڪمشنر جي موجودگيءَ ۾ سندن کي ڊپٽي ڪمشنر جيترا پاور آھن تازو ٿيندڙ 1 کان 4 گريڊ جي نوڪرين جا ھن خصوصي ريٽ رکي ميرٽ جي لتاڙ ڪئي آھي نيب ۽ اعلي اختيارين کي اپيل آھي ھن خلاف انڪوائري ڪرائي وڃي ته سندس جي ساک جي سموري خبر پئي ويندي ھي صاحب ڪافي عرصي کان ھڪ ئي ضلعي ۾ موجود آهي ڪافي ڊپٽي ڪمشنر ته آيا ۽ ويا ھي صاحب ايترو ته مظبوط آھي جو بدلي ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿي سگهي .....
10/06/2023
(پوسٽ لازمي پڙھو ته توھان دادو وارن کي خبر پوي ته توھان جي tex پيسن تي ڪين ڪريپشن ڪري عياشيون ڪيون ٿيون وڃن ) ھي آھي دادو D.H.O شاھد شيخ جو خاص ملازم D.H.O دادو شاھد شيخ ۽ عبدالعيم دائودپوٽو ملي ڪري عوام جي پيس مان عياشون ڪرڻ لڳا ھر مھيني ڪروڙن جي ڪرپشن ڪرڻ جا انڪشاف ٠٠٠٠
٠٠٠٠٠ھي ڀائو D.H.O دادو جو ننڊڙو ملازم آھي پر ھن وٽ سيٽ وڏي آھي ھي اڪائونٽ عبدالعليم دائودپوٽو آھي جيھن ڪروڙن جي ڪرپشن ڪئي آھي! D.H.O دادو جي دوائن جي بچٽ 27 ڪروڙ آھي ۽ پيٽرول جي بچٽ 5 ڪروڙ آھي پر ھي دوائون دادو جي ڪيھن به سرڪاري اسپتال ۾ ناھن ڏيندا ۽ نه وري پيٽرول ڪيھن ايمبولنس ۾ ڏيندا آھن صرف ڪوڙا بل ٺاھي پاس ڪيا ويندا ! ھن عبدالعليم دائودپوٽو جي پٽ جي شادي ڪجھ عرصو پھريان ٿي ھن جي پٽ جي شادي سعودي ۾ ٿي ھتان پاڪستان مان 40 مائٽن کي سعودي پھنجي خرچ تي پٽ جي شادي ۾ وٺي ويو ھو ! نوڪري کان اڳ ھن وٽ ڪا شي نه ھئي ھاڻي ڪروڙن جا بنگلا ڪارون آھن پر سائين جيڪي به پراپٽي وٺندو آھي مائٽن جي نالي وٺندو آھي مٿان ڪاٿي انڪواري نه ٿي ! سائين جو چوڻ آھي مان C.M جو خاص آھيان ڪرپشن ڪرڻ مھنجو حق آھي ڇو ته اسان C.M سنڌ جا ووٽر آھيون اسان جو ڪير نالو به نه وٺندو
دادو G.M خانا ۾ گھمڻ جي لاء آيل نوجوان فھد ميمڻ ۽ اويس جمالي جي موٽرسائيڪل G.M خانا مان چوري ڪندي اتان جو ملازم نڪتو ۽ چوري ڪندي پڪڙجي پيو ۽ نوجوانن کي ڌمڪيون ڏيڻ لڳو ته اگر اھا ڳالھ ڪيھن سان ڪيو ته پوليس کان f.I.R ڪرائي گرفتار ڪرائيندو مون !
دادو جي عوام کي اپيل
اگر اوھان جي پاڙي يا علائقي ۾ ڪٿي به منشيات جوا يا ٻيو ڪو به غلت ڪم ھلي رھيو آھي ته سنڌ پريس ڪلب دادو جي ٽيم سان رابطو ڪيو
رابطي جي لاء 0254710204
Dadu Update Media
08/06/2023
دادو رپورٽر ماجد علي پنھور
دادو جو سينئير صحافي علي حسن لغاري جي نياڻي جو ڊاڪٽرياڻي. طاهره آريجو غلط آپريشن ڪرڻ جي ڪري حالت خراب
منهنجي نياڻي جو غلط آپريشن ڪرڻ کان پوء ڊاڪٽرياڻي طاهره آريجو سان مليا سين ته نياڻي آپريشن کان پوء تڪليف وڌي وئي آهي.
جنهن تي ڊاڪٽرياڻي طاهره اسان کي ڌڪا ٿيلھا ڏئي پنهنجي پرائيويٽ مرتضي ميڊڪل سينٽر تان ڪڍي ڇڏيو ۽ چوڻ لڳي مان آپريشن ڪري ڇڏيو منهنجو ڪم ناهي وڃي ڪنهن ٻئي هنڌ ڏيکاريو منهنجو واسطو ھاڻي ناهي
صحافي علي حسن لغاري وڌيڪ چوڻ هو ته مان نياڻي کي نواب شاه ۽ ٻين سينٽر تي ڏيکاريان پيو لکين روپيا خرچ ڪري چڪيا آهيون غلط آپريشن جي ڪري منهنجي نياڻي زندگي ۽ موت جي ڪشماڪش ۾ آهي
ڊاڪٽرياڻي طاهره آريجو خلاف ايڪشن کنيو وڃي مون سان انصاف ڪيو وڃي.
ياد رهي ته ڊاڪٽرياڻي طاهره خلاف غلط آپريشن جا پهريان به ڪيس داخل ٿئي چڪا آهن
سنڌ پريس ڪلب جي ٽيم سان گڏ دادو پوليس جواء جي اڏي تي ڇاپو 2 جواري گرفتار ۽ 6 موٽرسائيڪل رڪور✌✌
05/06/2023
دادو سنڌ پريس ڪلب جو اهم اجلاس ٿي گذريو جنهن جي صدارت صدر سنڌ پريس ڪلب دادو آفتاب جمالي جي هيٺ ٿي گذري جنهن ۾ سڀني عهديدارن ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي عهديدارن ۽ ميمبرن جي اهم ميٽنگ ۾ ٻن عهديدارن زاهد کوسو ۽ قربان کوسو کي سنڌ پريس ڪلب دادو مان ھميشه لاء ميمبرشپ ختم ڪئي وئي ۽ سنڌ پريس ڪلب جو هنن سان ڪو به تعلق نه آهي ۽ نئون عهديدارن حلف کنيو
جنهن صدر آفتاب جمالي، سينيئر نائب صدر محمد اڪرم شاهاڻي، نائب صدر غلام مجتبي، جنرل سيڪريٽري سجاد لاکو، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري محمد عقيل لاکو، خزانچي محمد يوسف جمالي، جوائنٽ سيڪريٽري فراز جمالي، انفارميشن سيڪريٽري محمد شڪيل لاکو، محسن جتوئي پريس سيڪريٽري علي جان بلوچ، آفيس سيڪريٽري زاهد لنڊ ۽ ٻيا ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن
عهديدارن چيو ته صحافت پغمبري پيشو آهي اسان هر مظلوم ماڻهن جو آواز اعلي ايوانن تائين پهچائڻ ۾ اسان اڳڀرا آهيون ڪنهن خبر يا پريس رليز جا پيسا نه ورتا ويندا ان جي خلاف ورزي ڪرڻ واري جي هميشه لاء ميمبر شپ ختم ڪئي ويندي
۽ بنا لوڀ ۽ لالچ جي سنڌ پريس ڪلب جي ٽيم هر مظلوم جو آواز اعلي ايوانن تائين پهچايو ويندو اڳواڻن چيو ته ميمبرن ۾ سيد مدد شاهه، عزيز ٻٻر، اويس جمالي، آفتاب سولنگي، غلام مصطفي چارڻ، ماجد پنهور هنن کانسواءِ سنڌ پريس ڪلب جو ڪنهن سان به واسطو نه آهي ميمبرن پاران چونڊجي آيل عهديدارن ۽ ميمبرن کي مبارڪون ڏنيون ويون.
دادو بي سيڪشن پوليس مک جوبدار تائين نہ پھچي سگھي پر مک جوابدار سنڌ پريس ڪلب دادو پھچي ويو
دادو ۾ ڪجہ ڏينھن اڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد رند ڪالوني ۾ مڙس خالد لنڊ طرفان پنھنجي زال ڪائنات لنڊ کي ھڪ جڳھہ تي ھٿ پير ۽ منھن ٻڌي رکيو ويو ھو ، منظرعام تان غائب رھندڙ مک جوبدار خالد لنڊ سنڌ پريس ڪلب دادو پھچي ويو ، مان بيگناھہ آھيان انڪوائري ڪرائي وڃي ڏوھي نڪتس تہ سزا ڏني وڃي ، مان بي قصور آھيان ايف آئي ار ڪوڙي آھي منھنجي زال جا مائٽ 10 لک جي لالچ ۾ اچي ڊرامو ڪيو آھي ۽ موکي فاسايو آھي ، مان پوليس وٽ پيش ٿيندس تہ پوليس زبردستي ڏوھہ مڃرائيندي ، مان ڪورٽ مان زمانت ڪرائي ، ڪيس کي منھن ڏيندم ،
دادو رپورٽ /
دادو شھر جي آءِ بي اي ڪاليج جو رھائشي نظام الدین گاڏھي پنھنجي والد محمد سليمان گاڏھي سان گڏ سنڌ پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪندي دانھيون تہ ھڪ مھينو پھرين منھنجو رکشو چوري ٿي ويو ھيو جنھن جي رپورٽ اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪرائي ھئي ھڪ مھينو گزرڻ کانپوءٍ رڪشي جي ڳولا بعد اسان معلوم ڪيو آھي تہ اسان جو چوري ٿيل رڪشو ھڪ بااثر وسيم چنو وٽ بيٺل آھي پنھنجي والد سان گڏ وسيم چنہ ڏي وياسين ۽ چيوسين تہ ھي رڪشو اسان جو آھي جيڪو ھڪ مھينو پھرين چوري ٿي ويو ھيو اسان ڪاغذ بہ توھان وٽ کڻي آيا آھيون مھرباني ڪري اسان مسڪين آھيون رڪشو واپس ڏيو جئين اسان پنھنجي ٻچن جو گزر سفر ڪري سگھون بااثر وسيم چنو رڪشو ڏيڻ بجاءِ ڌمڪيون ڏنيون تہ توھان جو رڪشو مون وٽ ناھي ھليا وڃو ھاڻي اسان ميڊيا تي آيا آھيون اسان جي مدد ڪئي وڃي
احتجاج ڪندڙن سيشن جج دادو ۽ ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو کان مطالبو ڪيو تہ خدارا اسان جي مدد ڪري رڪشو واپس ڪرايو وڃي اسان مسڪين غريب ماڻھن جي گھر جو گذرسفر ھن رڪشي تي آھي پھريان مان ھڪ مھيني کان بيروزگار آھيان
Click here to claim your Sponsored Listing.
Category
Website
Address
Dadu
76200